24

پي ٽي آءِ جلسي جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل، ڪارڪنن جي پهچڻ جو سلسلو شروع

لاهور:   لاهور ۾ اڄ ٿيندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جلسي جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي يون آهن.

پاڪستان جي حڪومت طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف کي مال پڙي ڪاهنه ۾ جلسي جي اجازت ڏني وئي آهي، انتظاميه طرفان پي ٽي آءِ کي ٻنپهرن جو 3 وڳي کان شام 6 وڳي تائين جو وقت ڏنو ويو آهي. جلسي گاهه ڏانهن ويندڙ سمورا رستا کليل آهن پر اسٽيج لاءِ آندل ڪنٽينر رنگ روڊ جي انڊر پاس مان نه گذرڻ سبب اڃان تائين نه پهچي سگهيا آهن.

جلسي جي لاءِ مختلف شهرن مان پاڪستان تحريڪ انصاف جا قافلا لاهور طرف روان دوان آهن. خيبرپختونخواهه مان پي ٽي آءِ جو مرڪزي قافلو وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ لاهور پهچندو.

ان حوالي سان ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ لاهور جي جلسي لاءِ ڪي پي ڪي حڪومت جي سرڪاري وسيلن جو استعمال به ڪيو پيو وڃي. ريسڪيو جون گاڏيون ۽ ڪرينون به گڏ آنديون پيون وڃن.

لاهور جي ضلعي انتظاميه ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ طئي ٿيندڙ معاهدي ۾ شامل آهي ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور 8 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ڪيل تقرير تي معافي گهرندو. رياست يا ادارن جي خلاف نعريبازي ۽ بيان بازي نه ڪئي ويندي، ڪنهن به اشتهاري يا ڏوهاري جو آڊيو، يا وڊيو پيغام نشر نه ڪيو ويندو.

جلسي گاهه جي رستي ۾ تحريڪ انصاف جي پارٽي جهنڊي واريون ٽوپيون ۽ مفت وڪرو ڪرڻ لاءِ جڳهه جڳهه تي اسٽال لڳايا ويا آهن. ٻئي طرف جلسو شروع ٿيڻ کان اڳ پنڊال کي سجائڻ لاءِ هزارن جي انگ ۾ ڪرسيون پهچايون ويون آهن. ڪارڪنن الزام هنيو آهي ته پوليس اسان جون لائٽون، جنريٽرز، اسپيڪر سڀ ڪجهه پڪڙڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪارڪنن کي جلسي گاهه پهچڻ کان روڪيو پيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں