25

علي امين گنڊاپور اٽڪ پار ڪري چيلينج پورو ڪيو، عمران خان جي آزادي هاڻ ڪير به نٿو روڪي سگهي: بيرسٽر سيف

پشاور: خيبرپختونخواهه جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سموريون رنڊڪون ڪراس ڪري پنجاب ۽ لاهور گهمي پنهنجو  چيلينج پورو ڪيو.

بيرسٽر سيف چيو ته خواجه آصف ۽ عطا تارڙ اٽڪ پار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا هئا،  علي امين گنڊاپور اتڪ پار به ڪيو ۽ پورو لاهور ۽ پنجاب به گهميو آهي.

هن چيو ته سمورن رنڊڪن جي باجود ڪي پي ڪي جو وڏو وزير جلسي گاهه پهتو جڏهن گنڊاپور چيلينج پورو ڪيو ته جڳهه جڳهه تي رنڊڪون بيهاري رستو روڪيو ويو ۽ ميڊيٽ چورن گنڊاپور جي پهچڻ کان اڳ ئي جلسو ڪرائي ڇڏيو.

اطلاعات واري وزير چيو ته ڪالهه  سمورو پاڪستان پي ٽي آءِ باني جي لاءِ نڪتو هو، عمران خان جي آزادي کي هاڻ ڪير به نٿو روڪي سگهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن لاهور ۾ ٿيندڙ پي ٽي آءِ جي جلسي جو مقرر وقت 6 وڳي ختم ٿيڻ کان پوءِ پوليس جلسي گاهه جون لائٽون ۽ سائونڊ سسٽم بند ڪري اڳواڻن کي اسٽيج تان لاهي ڇڏيو هو ۽ علي امين گنڊاپور جلسو ختم ٿيڻ کان پوءِ پنڊال ۾ پهتو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں