25

هڪ شخص کي مڙهڻ جي لاءِ آئيني ترميم جو ڊرامو ڪيو پيو وڃي: لطيف کوسه

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر سردار لطيف کوسه چيو آهي ته هڪ شخص کي مڙهڻ جي لاءِ آئيني ترميم جو ڊرامو ڪيو پيو وڃي.

ڪاهنه ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي کي خطاب ڪندي سردار لطيف کوسه چيو ته گذريل هفتي راتاهو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، انهي ۾ ناڪامي ٿي ته آرڊيننس جي ذريعي راند کيڏي وئي. لطيف کوسه اهو به چيو ته هڪ شخص کي مڙهڻ جي لاءِ آئيني ترميم جو ڊرامو ڪيو پيو وڃي.

جلسي کي خطاب ڪندي سلمان اڪرم راجا چيو ته 8 فيبروري تي جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي بنياد تي ڪوڙي حڪومت قائم ڪئي وئي ۽ اها ڪوڙي حڪومت آئين ۾ ترميم ڪري رهي آهي اسان سڀني کي انهي جي خلاف بيهڻ گهرجي.

انهي کان علاوه شعيب شاهين به پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اوهان رستا بند ڪري به ماڻهن کي جلسي ۾ اچڻ کان نه روڪي سگهيو. اڊيالا جيل وڃي معافي گهرو، جڏهن ته شيخ وقاص اڪرم چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته حقيقي آزادي جي لاءِ وڙهڻو آهي، عدليه جو ساٿ ڏيڻو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں