28

وزيراعظم شهباز شريف 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو

اسلام آباد:ۡ وزيراعظم شهباز شريف 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان  موجب وزيراعظم شهباز شريف 23 کان 27 سيپٽمبر نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سيشن ۾ شرڪت ڪندو.

پڌرائي موجب وزيراعظم 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ خطاب دوران پاڪستان جي ڊگهي حمايت جو اعلان ڪندو، عالمي امن، سلامتي ۽ فلاح، بهبود ۾ گڏيل قومن جي ڪردار جي  پڻ حمايت ڪندو.

ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم سلامتي ڪونسل جي ايجنڊا تي فلسطين مسئلو، ڪشمير  مسئلي جي اهميت ۽ عالمي اقتصادي لاڳاپن ۾ ناانصافيون ختم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏيندو.

هن چيو ته وزيراعظم عالمي برادري کان اسلاموفوبيا جي وڌندڙ رجحان خلاف فوري طور تي قدم کڻڻ جي اپيل ڪندو، هو جنرل اسيمبلي سيشن ۾ اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب اجلاس ۾ سمنڊ جي سطح ۾ اضافي جي خطري بابت اجلاس به شامل آهي. وزيراعظم عالمي اڳواڻن سان گڏ پائيدار ترقي جي ايجنڊا جي مدد وارن قدمن تي به ڳالهيون ڪندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں