22

پ پ آئيني ترميم ذريعي عدليه کي ڪنٽرول ڪرڻ وارين سازشن ۾ شريڪ آهي، حڪمران ماڻهن کي خيرات نه حق ڏين: حافظ نعيم الرحمان

ڪنڌڪوٽ: جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي آئيني ترميم جي ذريعي عدليه کي ڪنٽرول ڪرڻ جي سمورين سازشن ۾ شريڪ آهي. حڪمران ماڻهن کي خيرات نه ڏين پر انهن کي انهن جا حق ڏين.

جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان ڪنڌڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ڌيءَ پريا ڪماري ۽ فضيله سرڪي ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن پر  کين آزاد ڪرائڻ وارو ڪير به نه آهي. شڪارپور مان ناصر جکراڻي نالي  ٻار اغوا ٿيو آهي انهي کي به پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، حڪمران ماڻهن کي غلام بنائڻ چاهين ٿا.

هن چيو ته غريب ماڻهن کي ڊيڄاريو پيو وڃي ته وڏيرن جو ساٿ نه ڏيندو ته اوهان زندگي نٿا گذاري سگهو، 300 ارب روپيه تعليم جو بجيٽ آهي پر تعليم تباهه آهي، 49 هزار  اسڪول آهن پر تعليم نه آهي، ڇا بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ڀاڻيجي کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائيندو؟  سنڌ جا ڪيترائي اسڪول ته صرف ڪاغذن ۾ موجود آهن پر انهن جو ڪٿي به وجود نظر نٿو اچي.

حافظ نعيم الرحمان چيو ته صحت جو بجيٽ به پيپلز پارٽي کائي رهي آهي. 2010 ۾ اربين روپين جا فنڊز جاري ٿيا پر سمورا پئسا هضم ڪيا ويا. عوام کي سڪائي به کاڌو وڃي ٿو ۽ ٻوڙي به کاڌو وڃي ٿو. جماعت اسلامي ماڻهن سان گڏ بيٺل آهي. حڪمران سنڌ ڪارڊ، مهاجر ڪارڊ ۽ بلوچ ڪارڊ ڪيستائين کيڏندا.  هن چيو ته مظلوم عهد ڪري وٺن ته ظالمن کي ورهائي ڇڏينداسين، جڏهن وڏيرا شاهي جي خلاف ڳالهايون ٿا ته چيو ويندو آهي ته حافظ نعيم الرحمان سنڌين جي خلاف ڳالهائي ٿو. اسان جو جهيڙو استحصال ڪندڙ وڏيرن ۽ سردارن جي خلاف آهي.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته پيپلز پارٽي ڪشمور کان ڪراچي تائين ڦر مار جو بازار گرم ڪري رکيو آهي. سنڌ جا روڊ ۽ شهر موئن جو دڙو جو منظر پيش ڪري رهيا آهن. هاڻ ڦر مار جو بازار بند ڪرڻو پوندو ۽ جمهوريت جي راءِ کي احترام ڏيڻو پوندو. سنڌ جي عوام وڏيرن ۽ جاگيردارن جي خوف ۾ نه اچي.

هن چيو ته ڪشمور ۾ بدامني ۽ ڌاڙيلن جو راڄ آهي. صحافي قتل ٿي رهيا آهن، جان محمد مهر، نصرالله گڏاڻي کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته حڪومت خاموشي سان تماشو ڏسي رهي آهي، عوام جي داد رسي وارو ڪير به نه آهي. عوام بي يارو مددگار آهي ڪنهن کي دانهن ڏئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں