71

موجوده حڪومت صرف هڪ ووٽ تي زنده آهي: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته موجوده حڪومت صرف هڪ ووٽ تي زنده آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نگران سيٽ اپ تي صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن، جنهن لاءِ معيشتدانن جا انٽرويوز ٿي رهيا آهن، هن چيو ته هي ادارن کان خيرات گهري رهيا آهن ته ڏيڍ سال جي گارنٽي ڏيو، 31 مئي کان پهريان فيصلا ٿي ويندا، هن چيو ته پوري قوم لانگ مارچ لاءِ عمران خان سان گڏ آهي، بهتر ٿيندو لانگ مارچ کان اڳ اليڪشن جو اعلان ڪيو وڃي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد اسيمبلي جي ڪا حيثيت ناهي رهي، حڪومت اليڪشن ۾ جيتري دير ڪندي ايتري پنهنجي لاءِ قبر کوٽيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں