62

صيهوني لابي عمران خان کي ٻيهر پاڪستان تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي: احسن اقبال

اسلام آباد:منصوبابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته صيهوني لابي عمران خان کي پاڪستان تي ٻيهر مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

اسلام آباد ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي سخت تنقيد ڪئي ۽ اسرائيلي اخبار ۾ ڇپيل مضمون جي حوالي سان کيس اسرائيل جو حامي قرار ڏنو.

احسن اقبال چيو ته صيهوني لابي عمران خان کي پاڪستان تي ٻيهر مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اسرائيلي اخبارن موجب پي ٽي آءِ باني پاڪستان ۾ اسرائيلي لابي لاءِ اڪيلي قبولڻ جوڳي شخصيت آهي.

هن چيو ماڻهو هاڻ سمجهي ويا آهن ته پراجيڪٽ پي ٽي آءِ باني پويان ڪير آهي، عمران خان لنڊن جي ميئر جي چونڊن ۾ پاڪستان ڄائي اميدوار جي کليل مخالفت ڪئي، هن 2013 کان نفرت ۽ ورهاست جي سياست ڪئي، جنهن پاڪستان کي ورهائي ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں