90

آئين يا قانون سياسي پارٽي کي چونڊن ۾ اميدوار بيهارڻ کان نٿو روڪي سگهي: مخصوص سيٽن جي ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي ججز مخصوص سيٽن جي ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب تفصيلي فيصلو 70 صفحن تي ٻڌل آهي جنهن کي جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ لکيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ سياسي پارٽي آهي، تحريڪ انصاف 2024 جي عام چونڊن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون سيٽون کٽيون يا حاصل ڪيون آهن.

تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيون ٿا، چونڊ نشان نه ڏيڻ سياسي پارٽي کي چونڊ وڙهڻ جي قانوني ۽ آئيني حق کي متاثر نٿو ڪري، يا قانون سياسي پارٽي کي چونڊن ۾ اميدوار بيهارڻ کان نٿو روڪي.

عدالت فيصلو ڏنو ته اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي 80 مان 39 ايم اين ايز کي تحريڪ انصاف جو ظاهر ڪيو، اليڪشن ڪميشن کي چيو ته اهي باقي 41 ايم اين ايز جا 15 ڏينهن جي اندر صحيح ٿيل بيان وٺن. اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن تي تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي نوٽيفاءِ ڪري.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي پهرين مارچ جي فيصلي جي ڪابه قانوني حيثيت نه آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جو پهرين مارچ جو فيصلو آئين کان تڪراري آهي. اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ جمهوري عمل جو ضامن ۽ حڪومت جو چوٿون ٿنڀو آهي پر ڪميشن فيبروري 2024 ۾ پنهنجو اهو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.

سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته عوام جو ووٽ جمهوري گورننس جو اهم جز آهي، جمهوريت جو اختيار عوام وٽ آهي، آئين عوام کي پنهنجو جمهوري رستو بنائڻ جو اختيار ڏئي ٿو.

اڪثريتي ججز جي فيصلي ۾ چيو ويو ته ڳري دل سان ٻڌايون ٿا ته 2 ساٿي جسٽس امين الدين، جسٽس نعيم افغان اسان جي فيصلي سان اتفاق نه ڪيو، ساٿي ججز جي 3 آگسٽ جي اختلافي نوٽ سپريم ڪورٽ جي ججز جي حوالي سان مناسب نه آهن. انهن ججز چيو ته اسان جو فيصلو آئين موجب نه آهي، جسٽس امين الدين، جسٽس نعيم اختر افغان جو عمل سپريم ڪورٽ جي ججز جي عهدي جي ابتڙ آهي.

فيصلي ۾ چيو ويو ته بطور بينچ ميمبر اهي قانوني طور تي حقيقتن ۽ قانون کان اختلاف ڪري سگهن ٿا، ساٿي ججز مختلف راءِ به ڏئي سگهن ٿا ۽ ٻئي جي راءِ تي ڪمنٽس به ڏئي سگهن ٿا پر جنهن طريقي سان ججز اختلاف ڪيو اهو سپريم ڪورٽ جي ججز جي صبر ۽ شائستگي کان گهٽ آهي.

عدالت وڌيڪ لکيو ته وڌيڪ پريشان ڪندڙ اها ڳالهه آهي ته ججز پنهنجي راءِڏيندي حدن کان اڳتي وڌي ويا ۽ ٻن ججز 80 ڪامياب اميدوارن کي وارننگ ڏني.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں