59

پي ٽي آءِ باني عمران خان چيف جسٽس جي خلاف پريڪٽس پروسيجر ڪميٽي ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي باني پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ۾ چيف جسٽس جي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، هن درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته چيف جسٽس منهنجي ۽ پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل ڪنهن  جو به حصو نه بڻجي.

ذريعن موجب سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جو اجلاس اڄ شام 4 وڳي ٿيندو، صدارتي آرڊيننس کان پوءِ جسٽس امين الدين خان 3 رڪني ڪميٽي جو حصو آهي، چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منصور علي شاهه به ڪميٽي جا ميمبر آهن.

اجلاس جي ايجنڊا ۾ آرٽيڪل 63 اي نظرثاني درخواست کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ شامل آهي، ياد رهي ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جو اڪثريتي فيصلو جسٽس منيب اختر لکيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته پارٽي پاليسي جي خلاف وڌل ووٽ ڳڻپ نه ٿيندو.

ايجنڊا ۾ مبينه آڊيو ليڪس ڪيس به شامل آهي جنهن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ حڪم امتناع ڏئي ڇڏيو هو ۽ اهو ڪيس هڪ سال کان وڌيڪ وقت تائين ٻڌڻي هيٺ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں