17

آمريڪي سفير جي جاتي امرا ۾ نوازشريف سان ملاقات

لاهور: آمريڪي سفير جاتي امرا ۾ نوازشريف سان ملاقات ڪئي آهي، ليگي ذريعن موجب آمريڪي سفير ڊونلڊ اي بلوم جاتي امرا پهتو جتي هن مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف سان ملاقات ڪئي آهي، انهي موقعي تي مريم نواز به موجود هئي.

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جاتي امرا پهچڻ تي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جو استقبال ڪيو. اهم ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آمريڪي سفير جي نوازشريف سان ملاقات ۾ وفاقي وزير احسن اقبال به شريڪ  ٿيو. انهي کان علاوه سينئر صوبائي وزير ۽ اڳوڻي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب به ملاقات ۾  موجود هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں