60

تحريڪ انصاف پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو

ڪراچي: پاڪستان تحريڪ انصاف پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي واضح ڀڃڪڙي آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ قائم ڪيل بينچ اهو قرار ڏنو هو ته آرڊيننس صرف ايمرجنسي جي صورت ۾ اچي سگهي ٿو.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته پارليامينٽ اجلاس کان فوري بعد ڪوبه آرڊيننس جاري نٿو ٿي سگهي. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي ئي فيصلي جي  ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. حڪومت آرڊيننس جي ذريعي ججز کي سياست ۾ ملوث ڪري رهي آهي، آرڊيننس کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ عدالتي فيصلو اچڻ تائين انهي تي عمل ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

درخواست داخل ڪرڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته جيڪا ترميم آندي پئي وڃي اڄ اسان انهي جي خلاف پٽيشن داخل ڪرڻ آيا آهيون، آئين جي آزادي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. 2023 ۾ به پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي خلاف اسان جي درخواست هئي، 2007 ۾ به اسان عدليه سان گڏ بيٺل هئاسين ۽ هاڻ به بيٺل رهنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں