79

حڪومت ۽ عالمي مالياتي اداري ۾ ڳالهيون اڄ کان شروع

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون اڄ دوحا ۾ شروع ٿينديون.ناڻي واري وزارت موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون اڄ کان دوحا ۾ شروع ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ سبسڊي جي خاتمي ۽ ٽيڪسن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.ناڻي واري وزارت چيو آهي ته دوحا ۾ ڳالهيون 25 مئي تائين جاري رهنديون، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 7 هين اقتصادي جائزي واري ڳالهه ٻولهه معاشي معاملن تي هوندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں