68

پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرن جي نااهلي جو معاملو، اليڪشن ڪميشن اجلاس سڏائي ورتو

اسلام آباد (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي منحرف ميمبرن جي نااهلي واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي پنجاب اسيمبلي جي 25 منحرف ميمبرن جي نااهلي واري ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اليڪشن ڪميشن ۾ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي ڪالهه واري فيصلي جو جائزو ورتو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جي منحرف ميمبرن جي ڪيس جو فيصلو ڪندي.اليڪشن ڪميشن گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي پنجاب اسيمبلي جي 25 منحرف ميمبرن خلاف ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں