69

پاڪستاني رپئي جو قدر گهٽجي ويو، آمريڪي ڊالر جي ڊبل سينچري مڪمل

ڪراچي (رپورٽر) ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ آمريڪي ڪرنسي جو قدر هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.سياسي ۽ معاشي افق تي غير يقيني صورتحال، حڪومت پاران سياسي دٻاءُ سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي قدمن، جڏهن ته آءِ ايم ايف پروگرام ٻيهر شروع نه ٿيڻ جي خدشي سبب رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ ڊالر مضبوط ٿي ويو آهي. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊالر جو اگهه 200 رپين تائين پهچي ويو.انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 2 رپيا 37 پئسا اضافي سان 198.11 رپين جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 200 رپين تائين پهچي ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں