105

پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گهرن تي 32 ٿاڻن جي پوليس جا ڇاپا، پارٽي آفيسون بند، اڳواڻ روپوش

راولپنڊي: پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گهرن تي راولپنڊي جي 32 ٿاڻن جي پوليس ڇاپا هنيا، انهي دوران پارتي جون آفيسون بند آهن جڏهن ته  اهم اڳواڻ روپوش ٿي چڪا آهن.

رپورٽ موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي راولپنڊي واري احتجاج کي نظر ۾ رکندي  رات دير سان ڪارڪنن جي گهرن تي راولپنڊي جي 32 ٿاڻن جي پوليس ڇاپا هنيا، پر سموريون ڪاروايون ناڪام رهيون، سڄي رات ڪارروايون ڪرڻ باوجود پوليس کي پي ٽي آءِ جو ڪوبه سرگرم ڪارڪن هٿ نه اچي سگهيو.

ٻئي طرف راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ جون سياسي آفيسون بند ڪيون ويون آهن. شمس آباد، رحمان آباد، باره کو، مارگلا ٽائون، چڪ شهزاد ۾ موجود پي ٽي آءِ جي پبلڪ سيڪريٽريٽ کي به بند ڪيو ويو آهي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ روپوش ٿي ويا آهن.

جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪينٽ جا عهديدار ڌهميال هائوس پهچي ويا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻن سوشل ميڊيا ۽ واٽس ايپ گروپس جي ذريعي رابطن جون پلان جوڙي ڇڏيو آهي. شيڊول موجب پي ٽي آءِ  ڪارڪن 2 وڳي کان پوءِ مري روڊ تي نڪرندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں