104

وڳڻ لعلورائنڪ ۽ ڀرپاسي ۾ سيپڪو سب ڊويزن وارھ جي عملدارن طرفان 20-20 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪرڻ خلاف شهرين جو احتجاج

وڳڻ : (رپورٽ محمدبخش خاصخيلي )وڳڻ لعلورائنڪ ۽ ڀرپاسي ۾ سيپڪو سب ڊويزن وارھ جي عملدارن طرفان 20-20 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪرڻ خلاف شهرين طرفان حاڪم تنيو، آڪاش، خادم تنيو، نجم پيچوهو نياز حسين وڪو ۽ وزيرعلي تنيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي نٽھڻ اس تي وارھ – لاڙڪاڻو روڊ تي احٿجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن دانهون ڪندي چيو ته سيپڪو سب ڊويزن وارھ جي عملدارن خاص طور ايس ڊي او اسلم ابڙو ۽ گريڊ اسٽيشن انجارچ نجم گاڏهي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ فالٽ هجڻ جا بهانا بڻائي لعلورائنڪ ۽ وڳڻ سميت 150 ڳوٺن جي بجلي 20-20.ڪلاڪ بند ڪري ڇڏين ٿا، هنن چيو ته ايس ڊي وارھ اسلم ابڙو ۽ گريڊ اسٽيشن انجارچ نجم گاڏهي جي زيادتن خلاف اسان احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي آهي، ته هو مڇرجي پيا آهن ۽ هنن ھاڻي مڪمل طور لعلورائنڪ ۽ وڳڻ جي بجلي بند ڪري ڇڏي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور اسلم ابڙو ۽ نجم گاڏهي جي زيادتن جو نوٽيس وٺي هٿرادو لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ اسان جو هي احتجاج جاري رهندو.وڳڻ محمدبخش خاصخيلي ،

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں