63

حڪومت پاران چونڊ سڌارن وارو بل ايندڙ هفتي قومي اسيمبلي ۾ آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد (رپورٽر) آبي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت چونڊ سڌارن وارو بل ايندڙ هفتي قومي اسيمبلي ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي آبي وسيلن واري وزير خورشيد شاهه چيو ته حڪومت ايندڙ هفتي قومي اسيمبلي ۾ چونڊ سڌارا آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چونڊ سڌارن کانسواءِ چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ 7 مهينا مهلت ڏئي ڇڏي. آڪٽوبر يا نومبر تائين عام چونڊون ممڪن ناهن.خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته قانوني ۽ چونڊ سڌارا ڪرڻا آهن. ڪجهه بجيٽ کان اڳ ۽ ڪجهه بجيٽ کان پوءِ ڪيا ويندا، چيئرمين سينيٽ خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو، عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس تي پيپلزپارٽي کان ڪا به راءِ طلب نه ڪئي وئي آهي.وفاقي وزير چيو ته عمران خان حڪومت نه پر رياست خلاف تحريڪ هلائي رهيو آهي، عمران خان جي حڪومت آئيني طريقي سان هلي، پنجاب ۾ حمزه شهباز کي چئن ووٽن جي اڪثريت حاصل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں