77

آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ اسحاق ڊار ٻيهر جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد (م ڊ) احتساب عدالت اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جا هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر افضل قريشي ۽ شريڪ جوابدارن جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.احتساب عدالت اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جا هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ شريڪ جوابدارن جي درخواستن تي فيصلو اسحاق ڊار جي گرفتاري سان مشروط ڪري ڇڏيو.عدالت حڪم ۾ چيو ته اسحاق ڊار کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ تائين ريفرنس جي ڪارروائي نه ٿيندي. احتساب عدالت اسحاق ڊار جي گرفتاري تائين ريفرنس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں