69

عمران خان اڃا به جهاز ۾ سوار آهي، اميد ته جلد لينڊ ڪندو: احسن اقبال

اسلام آباد (رپورٽر) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان اڃا به جهاز ۾ سوار آهي، اميد آهي ته جلد لينڊ ڪندو.ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته عمران خان اڄ به پاڻ کي وزيراعظم سمجهي رهيو آهي ۽ جهاز تي آهي. اميد آهي ته جلد زمين تي ايندو، عمران نيازي هڪ پروفيشنل گهوٽ آهي جيڪو هر شادي ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ قوم سان هڪ نئون رشتو ڳولي رهيو آهي.هن چيو ته عمران نيازي جو عذاب قوم کي مهانگو پئجي ويو آهي. عمران خان کي 4 سالن جي ڪارڪردگي جو حساب ڏيڻو پوندو.احسن اقبال چيو ته عمران خان جي حڪومت بجلي جي فراهمي بابت ڪو به ٺوس قدم ناهي کنيو. گوادر بندرگاهه سان ظالماڻو سلوڪ ڪيو ويو، ڪو به وڏو جهاز اتي نٿو اچي، گوادر ۽ سي پيڪ منصوبي خلاف سازشون ڪيون ويون، پسني هاربر به ڪيترن سالن کان بند آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں