71

اين آر او کي ترجيح ڏيندڙ ڏوهاري ٽولي منهنجي ٽيم جي عظيم ڪم تي پاڻي ڦيري ڇڏيو: عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اين آر او 2 کي ترجيح ڏيندڙ ڏوهاري ٽولي منهنجي ٽيم جي عظيم ڪم تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته جڏهن آمريڪا جي سهڪار سان حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ حڪومت کي هٽائڻ جي سازش ڪئي وئي ته اسان 6 سيڪڙو معاشي ترقي حاصل ڪرڻ جي ويجهو هئاسين.عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته اين آر او 2 کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائيندڙ ڏوهارين جي ٽولي منهنجي ٽيم جي ڪيل سمورن عظيم ڪمن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں