47

فيصل ڪريم ڪنڊي خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راج لڳائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

پشاور: خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوبي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته معاملا حد کان وڌي ويا ته گورنر راج لڳائڻ ۾ ڪابه هچڪچاهٽ نه آهي.

نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ٿي جنهن ۾ ان جي آمريڪي دوري کان علاوه صوبي جي معاملن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون.

هن چيو ته وزيراعظم سان ٿيندڙ انهي ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي حوالي سان ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان احتجاج ۽ صوبي جي صورتحال بابت هڪ سوال جي جواب ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته شيون حد کان وڌي ويون ته ملڪ ۽ جمهوريت جي خاطر گورنر رول لاڳو ڪرڻ ۾ ڪابه هچڪچاهٽ نه آهي.

پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن وڌيڪ چيو ته جيڪي شيون آئين ۾ موجود هجن(گورنر رول) جو آپشن ضرور موجود هوندو آهي، گورنر رول ماضي ۾ لڳايا ويا آهن، جڏهن مرض لاعلاج ٿي ويندو آهي ته نه چاهيندي به ڪونه ڪو فيصلو ڪرڻو پوندو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں