38

ڪراچي ايئرپورٽ ڌماڪو پاڪ چين دوستي تي حملو آهي، ڏوهارين کي سخت سزا ڏينداسين: پاڪستان

اسلام آباد: پاڪستان طرفان چيني شهرين تي حملي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي انهي کي پاڪ چين دوستي تي حملو قرار ڏنو ويو آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته چيني شهرين تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان چين سان ملي ڪم جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.

هن چيو ته ڪراچي ايئرپورٽ ڀرسان دهشتگردي جي واقعي ۾ 2 چيني انجنيئرز حياتي وڃائي ويٺا ۽ هڪ زخمي ٿيو. پاڪستان انهي واقعي ۾ چين ۽ پاڪستان ٻنهي جي متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي خاندانن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪري ٿو.  هن واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي لاءِ به دعا ڪئي.

ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چي ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ دهشتگردانه ڪارروائي پاڪ چين پائيدار دوستي تي حملو تصور ڪريون ٿا ۽ انهي بزدلاڻي ڪارروائي ڪندڙ عناصر کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. پاڪستان دهشتگردي کي جڙ کان ختم ڪرڻ تائين پنهنجن چيني ڀائرن سان گڏجي ڪم جاري رکندو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي آخري انجام تائين پهچائي ساهه پٽيندا. هن چيو ته پرڏيهي وزارت چيني سفارتخاني سان رابطي ۾ آهي. پاڪستان ۽ چيني شهرين جي سلامتي لاءِ پنهنجي ارادن جو اظهار ڪريون ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں