42

اسلام آباد جي اهم هنڌن تي پوليس ۽ رينجرز اڃان تائين موجود، ريڊ زون ۾ پاڪ فوج جو گشت جاري

اسلام آباد: وفاقي راڄڌاني جي اهم هنڌن تي پوليس ۽ رينجرز اڃان تائين موجود آهي جڏهن ته ريڊ زون واري علائقي ۾ پاڪ فوج جو گشت اڃان تائين جاري آهي.

رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ جناح ايونيو، ڊي چوڪ سميت ٻين اهم هنڌن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي نفري موجود آهي. ڊي چوڪ، جناح ايونيو، بليو ايريا ۾ صورتحال سيڪيورٽي فورسز ۽ انتظاميه جي ڪنٽرول ۾ آهي.

جناح ايونيو، چائنا چوڪ، ڊي چوڪ ۾ پوليس ۽ رينجرز جي نفري اڃان تائين موجود آهي. انهي دوران پاڪ فوج جي دستن طرفان ريڊ زون جي حدن ۾ گشت به ڪيو ويو. پوليس احتجاج جي لاءِ اسلام آباد ايندڙ مظاهرين کي جناح ايونيو ۽ چوڌاري علائقن مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي. جڏهن ته جناح ايونيو، ڊي چوڪ، چائنا چوڪ کان سوين مظاهرين کي به گرفتار ڪيو ويو هو.

ٻئي پاسي اسلام آباد پوليس جناح ايونيو، ڊي چوڪ ۽ آبپاره ۾ فليگ مارچ ڪيو جڏهن ته رات دير تائين مارگلا روڊ کان علاوه ريڊ زون جا سمورا داخلي رستا به بند هئا اهڙي طرح سرينه چوڪ، نادره چوڪ، ڊي چوڪ تي ڪنٽينرز موجود آهن.

ٻئي طرف زيرو پوائنٽ، فيض آباد، ايڪسپريس وي جي هنڌن تان ڪنٽينرز هٽايا ويا آهن ۽ ٽريفڪ کي بحال ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيندو جنهن جي حوالي سان پرڏيهي وفدن جي پاڪستان آمد جاري آهي. انهي حوالي سان وفاقي گادي واري شهر جي سيڪيورٽي کي فول پروف بنايو پيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں