36

ڪراچي ايئرپورٽ ڀرسان پرڏيهين تي حملي جي جاچ ۾ اهم تفصيل سامهون اچي ويا

ڪراچي: ڪراچي ايئرپورٽ ڀرسان آچر جي رات پرڏيهين جي قافلي تي ٿيندڙ حملي جي جاچ ۾ اهم ڄاڻ سامهون اچي وئي آهي.

جاچ ذريعن موجب جاچ جي دوران خبر پئي آهي ته حملي ۾ ننڍي ڪار جو استعمال ڪيو ويو جڏهن ته ڪار جي نمبر پليٽ انجڻ ۽ چيسز نمبر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

جاچ ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪار سوار آپگهاتي حملي آور قافلي جي نڪرڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا ۽ قافلو پهچندي ئي ڪار سوار پنهنجي گاڏي پرڏيهين جي گاڏي سان ٽڪرائي جڏهن ته ڪار ۾ امڪاني طور تي بارود هو جنهن سبب گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي.

جاچ  ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي کان پوءِ پرڏيهين جي هڪ گاڏي ريورس ڪري محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي پر ڌماڪي ۾ ڳرو  بارودي مواد استعمال ڪيو ويو هو جنهن سبب گاڏين کي نقصان پهتو. جاچ ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته متاثر ٿيل گاڏين جا تفصيل به حاصل ڪيا پيا وڃن.

ٻئي طرف اسپتال اختيارين ٻڌايو آهي ته ڌماڪي کان پوءِ جناح اسپتال ۾ 2 پرڏيهين سميت 3 ڄڻن جا لاش آندا ويا جن مان هڪ لاش مقامي رهواسي جو آهي جنهن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

ايئرپورٽ ڀرسان ڌماڪي بابت جاچ جي لاءِ خصوصي ٽيم جوڙي وئي آهي جنهن ۾ بم ڊسپوزل ايسٽ سائوٿ ۽ ويسٽ جون ٽيمون جاچ ڪنديون. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته آءِ جي سنڌ جي حڪمن تي خاص ٽيم ٺاهي وئي آهي.

ياد رهي ته آچر جي رات ڪراچي ايئرپورٽ سگنل جي ڀرسان ٿيندڙ ڌماڪي ۾ 2 چيني شهرين سميت 3 پرڏيهي مارجي ويا هئا جڏهن ته 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں