39

ميانوالي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي: 7 خوارج دهشتگرد مارجي ويا

ميانوالي: ميانوالي ۾ سي ٽي ڊي جي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي دوران فتنه الخوارج جا 7 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب ميانوالي جي علائقي مڪڙوال ڀرسان سي ٽي ڊي ۽ دهشتگردن وچ ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. جنهن دوران 7 دهشتگرد پنهنجي ئي  ساٿين جي فائرنگ سبب مارجي ويا جڏهن ته 8 اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

سي ٽي ڊي ترجمان موجب فرار ٿيندڙ 8 دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان 6 دستي بم، سيفٽي فيوز وائر، 7 ڪلاشنڪوف ۽ بارودي مواد هٿ آيو آهي. دهشتگرد ميانوالي تي وڏي حملي جي منصوبه بندي ڪري چڪا هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں