83

شرپسندن کي ڪراچي ۾ امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين: شهباز شريف

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته شرپسندن کي ڪراچي ۾ امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين،سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڪراچي شهر ۾ امن امان جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان دوران وزيراعظم کي سنڌ ۾ انتظامي ۽ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جي تازي واقعن تي به بريفنگ ڏني وئي.ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته هو ڪنهن به شرپسند کي ڪراچي ۾ امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں