88

پاڪستان ۾ خراب ٿيندڙ معاشي صورتحال، وزيراعظم اهم اجلاس سڏائي ورتو

اسلام آباد (رپورٽر) خراب ٿيندڙ معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم شهباز شريف اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.تفصيل موجب اجلاس اڄ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو.اجلاس ۾ ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل واڌ جي سببن تي غور ڪيو ويندو، جڏهن ته معاشي ۽ واپاري صورتحال تي به غور ڪيو ويندو.وزيراعظم شهباز شريف اڄ معاشي صورتحال تي اجلاس کانپوءِ قوم کي خطاب ڪرڻ جو فيصلو ڪندو، پنهنجي متوقع خطاب ۾ اڳوڻي حڪومت پاران معاشي بحالي لاءِ کنيل قدمن جو ذڪر ڪندو.وزيراعظم اڄ پاڻي جي صورتحال بابت اجلاس جي صدارت ڪندو، اجلاس ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ۽ صوبن کي ورڇ بابت بريفنگ ڏني ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں