79

نيب قانون رياستي ادارن جي ترقي ۽ ڪاروبار لاءِ زهر ثابت ٿيو آهي: سعد رفيق

اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ سعد رفيق چيو آهي ته احتساب قانون هڪ غاصب جو ٺاهيل ڪارو قانون آهي.ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته عمران دور ۾ نيب قانون کي آئين جي روح جي خلاف آرڊيننس ذريعي جانبداراڻيون تبديليون ڪيون ويون،  اسان سوال اٿاريندا رهياسين پر ڪنهن نه ٻڌي.خواجا سعد رفيق چيو ته حڪومت مختلف ادارن ۾ ميرٽ تي مقرريون ڪيون آهن.هن اهو به چيو ته ملڪ کي انتشار ۽ انتقام کان بچائڻ لاءِ نيب جو قانون ڪرمنل جسٽس سسٽم تي قبضو ڪرڻ جي مترادف آهي.خواجا سعد رفيق چيو ته احتساب قانون غاصب جو ٺاهيو ڪارو قانون آهي.ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق وڌيڪ چيو ته نيب قانون رياستي ادارن جي ترقي ۽ ڪاروبار لاءِ زهر ثابت ٿيو آهي، ان کي تبديل ڪرڻ پارليامينٽ جو حق ۽ فرض آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں