91

پاڪستاني قوم پنهنجي تقدير بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿي: صدر عارف علوي

اسلام آباد (رپورٽر) صدر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي تقدير بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿي.جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ نيشنل يوٿ ڪنوينشن 2022ع کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قوم دهشتگردي جو ڀرپور مقابلو ڪيو ۽ پاڪ فوج ملڪ جي بقا ۽ دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن تي زور ڏنو ته هو ڪردار سازي ۽ تعليم تي توجه ڏين ۽ ان سان گڏوگڏ خود اعتمادي پيدا ڪن، سچ جي عادت پيدا ڪن ۽ بي ايماني جي خلاف اٿي بيهن.صدر چيو ته قوم دهشتگردي جو ڀرپور مقابلو ڪيو ۽ پاڪ فوج ملڪ جي بقا ۽ دهشتگردي جي روڪٿام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.هن چيو ته پاڪستان جي ايٽمي طاقت تي امت مسلمه کي فخر آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں