72

آئيني ترميم تي اتفاق راءِ جي ويجهو پهچي چڪا آهيون، ملڪي حالتن ۽ ضرورت موجب قانونسازي ٿيڻ گهرجي: مولانا فضل الرحمان

ٽنڊوالهيار: جي يو آءِ(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ کان احتجاج ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.

ٽنڊوالهيار ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته آئيني ترميم تي جيڪي شيون اسان رد ڪيون اهي واپس ٿي چڪيون آهن. جيڪو مسودو حڪومت طرفان آندو ويو هو اسان انهي کي رد ڪري ڇڏيو هو. انهي مسودي سان عدليه ڪمزور ٿي وڃي ها ۽ انساني حق تباهه ٿي وڃن ها پر هاڻ مسودي تي ڪافي هڪ جهڙائي پيدا ٿي چڪي آهي. اسان وٽ جيڪا آئيني ترميم آندي وئي انهي سان پارليامينٽ جي حيثيت ختم ٿي وڃي ها، عدليه ڪمزور ٿي وڃي ها، جنهن جي ڪري اها ترميم ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. اسان اسيمبلي ۾ آهيون اسان جو ڪم آهي ته اهڙي ترميم آڻيون جيڪا عوام توڙي ملڪ جي مفاد خاطر هجي.

هن چيو ته اسيمبليون انهي لاءِ نه آهن ته اتي عوام جي مفاد جي خلاف قانون پاس ڪريون. مان سڀاڻي ڪراچي ۾ بلاول ڀٽو، لاهور ۾ نوازشريف ۽ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ قيادت سان ملاقات ڪري اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته جيئن آئيني ترميم جي ڪري ملڪ ۾ ڪا خطرناڪ صورتحال پيدا نه ٿئي.. 18هين ترميم آڻڻ ۾ به اسان کي 9 مهينا لڳي ويا هئا. اڄ ڪهڙو وڏو مسئلو آهي جو اسان کي تڪڙو مسودي تي اتفاق راءِ جو چيو ويو. اسان هاڻ اتفاق راءِ جي ويجهو پهچي چڪا آهيون.

مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ کان اپيل ڪئي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس تائين احتجاج ملتوي ڪريو اڳ به مظاهري جا نتيجا سٺا نه نڪتا هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں