42

پي ٽي آءِ عمران خان سان سياسي ملاقات لاءِ سهولتڪاري چاهي ٿي انهي لاءِ بليڪ ميل ڪري رهي آهي: خواجه آصف

اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ عمران خان سان سياسي ملاقات لاءِ سهولتڪاري چاهي ٿي انهي لاءِ بليڪ ميل ڪري رهي آهي.

دفاع واري وزير خواجه آصف ايڪس(ٽوئٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ لکيو آهي ته جڏهن اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف قيد هو ته انهي کي پنهنجي زال(ڪلثوم نواز) سان فون تي به ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني وئي،  جنهن سبب هو انهيءَ حال ۾ دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي.

دفاع واري وزير خواجه آصف جي ٽوئٽ موجب پاڪستان تحريڪ انصاف بليڪ ميل ڪري رهي آهي ته پي ٽي آءِ باني سان سياسي ملاقات لاءِ سهولتڪاري گهرجي ٻئي صورت ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس ۾ رنڊڪون پيدا ڪيون وينديون.

هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات جي لاءِ سندس اولاد کي لنڊن مان گهرايو وڃي انهي کان پوءِ ئي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.

ياد رهي ته شنگهائي تعاون تنظيم(ايس سي او) جو سربراهي اجلاس 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو جنهن ۾ چين، روس ۽ ڀارت سميت ٻين ملڪن جا سربراهه ۽ نمائندا شريڪ ٿيندا.

پي ٽي آءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي 15 آڪٽوبر تي ڊي چوڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. تحريڪ انصاف شرط لڳائي آهي ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرائيندو ته 15 آڪٽوبر تي ڊي چوڪ تي احتجاج ملتوي ڪنداسين پر حڪمران پارٽي(ن) ليگ پي ٽي آءِ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں