41

پ پ آئيني ترميم تي سمجهوتي لاءِ تيار نه آهي، انصاف جي نظام ۾ بهتري لاءِ وفاقي آئيني عدالت قائم ڪرڻي پوندي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي آئيني ترميم تي سمجهوتو ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي. ملڪ ۾ انصاف جي نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ وفاقي  آئيني عدالت قائم ڪرڻي پوندي.

ڪراچي ۾ بينظير هاري ڪارڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جڏهن پاڪستان آئي ته انهي جو به ارادو هو ته ميثاق جمهوريت تي عمل ڪندي اها انهي مشن تي آئي هئي ۽ پنهنجي جدوجهد کي مڪمل ڪندي ڪندي شهيد ٿي وئي. ميثاق جمهوريت جي تحت ڪجهه شيون رهجي ويون هيون، ڇا اسان انهن کي وساري ڇڏيون؟ ڇا جيل ۾ ويٺل شخص جي ڪري اسان پنهنجي اڳواڻ جو واعدو وساري ڇڏيون. پاڪستان پيپلز پارٽي انهي تي سمجهوتو ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي.

هن چيو ته مان سنڌ جي عوام کان پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا اوهان پاڪستان جي عدل ۽ انصاف جي نظام مان مطمئن آهيو، جيڪڏهن اوهان کي اهو نظام صحيح لڳي ٿو ته انهي کي ائين ئي هلڻ ڏنو وڃي. جيڪڏهن اوهان کي لڳي ٿو ته انصاف جو نظام ٽٽل آهي ۽ اهو ناانصافي جو نظام آهي ته ميثاق جمهوريت ۾ انهي نظام ۾ ڪمزورين جو حل به ٻڌايو ويو آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن انصاف جي فراهمي کي يقيني بنائڻو آهي ته ملڪ ۾ برابري جي نمائندگي کي يقيني بنائڻُ پوندو. عام عدالت سان گڏوگڏ هڪ مخصوص عدالت جو قيام به انهي ۾ بهتري آڻڻ جو هڪ طريقو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته جڏهن پاڪستان جي سمورن صوبن کان برابري جي بنياد تي منصفين ويهندا تڏهن ئي اسان جي آئيني مسئلن جو حل نڪرندو. اسان جي بنيادي حقن جو تحفظ هوندو. جيڪڏهن وفاق جو ڪنهن صوبي سان جهيڙو ٿي رهيو هجي يا انهي صوبي کي ڪي مسئلا پيش هجن ته پوءِ هڪ جهڙو فورم هجڻ گهرجي جتي انهن مسئلن کي حل ڪري سگهجي. اسان جا 2 مطالبا آهن هڪ آئيني عدالت جو قيام ۽ ٻيو ججز جي مقرري جو طريقيڪار اهو سڀ ڪجهه ميثاق جمهوريت ۾ طئي ڪيو ويو هو.

پ پ چيئرمين چيو ته جيڪي ماڻهو مون کي چئي رهيا آهن ته پوئتي هٽي وڃ ته مان انهن کي چوان ٿو ته اوهان پوئتي هٽي وڃو انهي ڳالهه جو ڪهڙو مطلب آهي ته آئيني ترميم جي لاءِ وقت صحيح نه آهي؟ جيڪڏهن اهو هاڻ نه ٿيندو ته ڪڏهن ٿيندو؟ قائد عوام کي شهيد ڪيو ويو، آمر جنرل ضياءُ الحق کي آئين ۾ ترميم ڪرڻ ۽ وفاقي شرعي عدالت قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي تڏهن ڪنهن کي به فڪر نه هئي، هن وڌيڪ چيو ته مون کي جيتري هن عدالتي نظام جي خبر آهي ايتري ڪنهن ٻئي سياستدان کي خبر نه آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته جنهن عدالت جي ذميواري اسان جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ حق جو دفاع ڪرڻ آهي اهائي عدالت هڪ فوجي آمر کي پنهنجي مرضي جو آئين ٺاهڻ جي اجازت ڏيندي آهي. اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري اهڙو نظام شروع ڪيو جنهن سان عوام کي انصاف نه مليو پر جيڪڏهن ڪنهن کي انصاف ڏنو ويو ته اهو صرف جج صاحبان کي مليو.

بلاول ڀٽو چيو ته اسان کي ڦاهي جي تختي تي لٽڪايو ويندو آهي، اسان جي عورتن کي جيل ۾ بند ڪيو ويندو آهي اهو آهي اوهان جي انصاف جو مڪمل نظام، اوهان چئو ٿا ته ائين ئي هلڻ ڏيو پر هاڻ ائين نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته پ پ جيڪا آئيني ترميم جي تجويز ڏني آهي اها سمورن شهيدن ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي واعدي تي ٻڌل آهي جيڪا ميثاق جمهوريت ۾ لکيل آهي. اسان سڀئي گڏجي انصاف، عدالتي اصلاحات آئيني ترميم ۽ برابري جي نمائندگي جو مطالبو ڪنداسين. پ پ جي جيالن کي هدايتون ڏيان ٿو ته اهي پروپيگنڊا تي ڌيان نه ڏين عوام وٽ وڃي انهي کي عدالتي اصلاحات کان آگاهي ڏين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں