50

پ پ اڳواڻ نثار کهڙو جي گهر ٻاهران ڪريڪر ڌماڪو

لاڙڪاڻو:  پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جي گهر ٻاهران ڪريڪر  اڇلي حملو ڪيو ويو آهي. نثار کهڙو جي ترجمان موجب لاڙڪاڻي ۾ نظر محله روڊ تي نثار کهڙو جي گهر تي ڪريڪر اڇليو ويو پر ڪريڪر ڦاٽڻ سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي.

ترجمان ٻڌايو ته ڀتون وڏيون هجڻ سبب ڪريڪر گهر جي اندر نه وڃي سگهيو جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ واقعي جي وقت نثار کهڙو گهر ۾ موجود نه هو. حملي کان پوءِ سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن ۽ جوابدارن جي جلد گرفتاري جي پڻ هدايت ڪئي آهي.

پوليس موجب نامعلوم ماڻهو هينڊ ڪريڪر اڇلي فرار ٿي ويا، بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو آهي ڌماڪي جي نوعيت ۽ استعمال ڪيل بارودي مواد بابت جاچ ڪئي ويندي. خوش قسمتي سان واقعي ۾ ڪوبه جاني  نقصان نه ٿيو آهي.

ان حوالي سان نثار کهڙو چيو ته اهڙا ڌماڪا مون کي جمهوريت ۽ عوام لاءِ جدوجهد ڪرڻ کان نٿا روڪي سگهن ۽ مان جمهوري  ڪردار ادا ڪرڻ کان نه مڙندس، جمهوريت جي لاءِ جدوجهد ڪندو رهندس  مان ڪنهن کان به ڊڄڻ وارو نه آهيان. هن چيو ته اهڙا حملا ماضي ۾ ڄام صادق جي دور ۾ به ٿي چڪا آهن پر مان نه پهريان ڊنو هئس نه هاڻ ڊڄندس. اهڙا واقعا مون کي حراسان نٿا ڪري سگهن جڏهن ته جمهوريت عوام ۽ سنڌ جي مسئلن ڳالهائيندو رهندس.

نثار کهڙو ايس ايس پي لاڙڪاڻي روحيل کوسو کان فون تي رابطو ڪري واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا. روحيل کوسو ٻڌايو ته موٽر سائيڪل تي سوار 2 نامعلوم ماڻهو پائوڊر جي ڊٻي ۾ ڪريڪر ٺاهي اڇلي فرار ٿي ويا، پوليس علائقي مان شاهديون گڏ ڪري ڪريڪر اڇلي فرار ٿيل ماڻهن جي ڳولا ڪري رهي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں