35

نئون ديرو ۾ موريا ۽ آگاڻي ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا مارجي ويا، 4 زخمي

نئون ديرو: نئون ديرو ڀرسان موريا ۽ آگاڻي ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قتل 4 زخمي ٿي پيا. ڳوٺ موريا فقير ۾ آگاڻي ۽ موريا برادري جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي ۾ فائرنگ دوران گوليون لڳڻ ڪري موريا ڌر جو هڪ ڄڻو عبداللطيف موريو مارجي ويو جڏهن ته 3 ڄڻا محمد ايوب، فرحان ۽ گل حسن موريو زخمي ٿي پيا جڏهن ته آگاڻي ڌر جو هڪ ڄڻو مجاهد آگاڻي مارجي ويو ۽ الله وڌايو زخمي ٿي پيو آهي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي نئون ديرو اسپتال آندو ويو جتي مقتول جو پوسٽ مارٽم ۽ زخمين جو علاج جاري  آهي

ان حوالي سان محمد شريف موريو چيو ته ڪجهه ڏينهن آگاڻي ڌر جون ٻڪريون اسان جي ٻيرن جي باغ ۾ ڪاهي پيون جنهن تي ٻڪريون ڪڍي ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ آگاڻي ڌر مٿان اين سي داخل ڪرائي  اين سي جي ڳالھ تي ڪاوڙجي جوابدارن مجاهد، منٺار، مٺل، ياسين ۽ اظهار آگاڻي هٿياربند ساڻ ڪري اسان جي مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ گوليون لڳڻ ڪري اسان جو هڪ ڄڻو قتل ۽ 3 زخمي ڪيا آهن  جهيڙي دوران وڏي خونريزي جو خدشو وڌي ويو. آگاڻي ڌر جو هڪ ڄڻو قتل ۽ هڪ زخمي ٿيو آهي

واقعي کان پوءِ پوليس به ڳوٺ پهتل آهي ۽ اڃان تائين حملي آور ڌر جي فائرنگ بند نه ڪرائي سگهي آهي ۽ هن وقت به فائرنگ جو سلسلو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں