66

پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر چيما جي برطرفي خلاف درخواست تي اعتراض

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما کي عهدي تان هٽائڻ خلاف درخواست تي اعتراض واري ڇڏيا آهن.درخواست تي اعتراض واريندي اسسٽنٽ رجسٽرار اسد خان چيو ته معاملو پنجاب سان تعلق رکي ٿو، عدالت جي دائري ۾ نه ٿو اچي، ٻنهي ڌرين خلاف درخواست داخل نٿي ٿي سگهي.ان کان اڳ پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما کي هٽائڻ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. عمر سرفراز چيما وڪيل بابر اعواڻ ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته آئين موجب گورنر صوبي ۾ صدر جو ايجنٽ آهي، ايگزيڪيوٽو جو حصو ناهي.هن چيو ته هو صدر جي مرضي سان عهدي تي رهي سگهي ٿو، پر وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پٽ حمزا جي مفاد لاءِ مون کي غير قانوني طور عهدي تان هٽايو.عمر سرفراز چيما درخواست ۾ چيو ته عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن بغير ڪنهن اختيار جي جاري ڪيو ويو ۽ اهو غير آئيني آهي، مون کي هٽائڻ سان صوبي ۾ آئيني بحران پيدا ٿي ويو آهي.هن چيو ته صوبو گذريل ٻن مهينن کان ڪابينه کانسواءِ هلي رهيو آهي، ان کي ختم ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں