33

افغان زمين کي دهشتگردي جي لاءِ استعمال کي روڪڻو پوندو، وزيراعظم شهباز شريف جو ايس سي او ڪانفرنس کي خطاب

اسلام آباد: شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ شروع ٿي ويو آهي. افتتاحي سيشن کي وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف افتتاحي خطاب ڪيو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ سمورن ملڪن جي سربراهن کي اسلام آباد ۾ ڀليڪار چوان ٿو. ايس سي او سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ اسان جي لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي.

هن چيو ته ايس سي او ملڪ دنيا جي آبادي جا 40 سيڪڙو آهن، پائيدار ترقي جي لاءِ علاقائي تعاون ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي. اڄوڪو هي اهم اجلاس علاقائي تعاون وڌائڻ جو اهم موقعو ڏئي رهيو آهي. اسان کي پنهنجن ماڻهن کي بهتر معيار جي زندگي ۽ سهولتون ڏيڻيون آهن جنهن جي لاءِ  موجود موقعن مان فائدو کڻڻو پوندو.

شهباز شريف پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته اسان کي معاشي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي اڳيان وڌڻو پوندو. اسان عالمي منظر نامي ۾ تبديلي ۽ ارتقا کي منهن ڏئي رهيا آهيون. موجوده صورتحال گڏيل قدمن جي گهر ڪري رهي آهي ۽ اسان کي گڏجي دانشمندي سان قدم کڻڻا پوندا. اڄ سياسي رابطن ۽ گرين ڊوالپمينٽ جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس جي افتتاحي سيشڻ کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته معاشي تعاون جي لاءِ ايس سي او ملڪن کي نئين حڪمت عملي تي غور ڪرڻو پوندو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جا اثر هن وقت پوري تي پئجي رهيا آهن. جڏهن ته پاڪستاني موسمياتي تبديلي سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي.

هن چيو ته 2022ع جي ٻوڏ سبب پاڪستان سخت متاثر ٿيو ۽ لکين ماڻهو کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور ٿيا جڏهن ته لکين ايڪڙ زمين تباهه ٿي وئي جنهن سبب زراعت متاثر ٿي، ٻوڏ سبب تباهي سبب معيشت کي به نقصان پهتو. ايس سي او ملڪن کي انهي حوالي سان به بهتر حڪمت عملي تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افغانستان علاقائي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ اهم ملڪ آهي پر افغان زمين کي دهشتگردي جي لاءِ استعمال کي روڪڻو پوندو. عالمي برادري افغانستان ۾ انساني بنيادن تي امداد تي ڌيان ڏئي. خطي جي ملڪن ۾ ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون جا تمام گهڻا موقعا آهن. پاڪستان اقتصادي راهداري جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. علاقائي ترقي جي لاءِ بيلٽ اينڊ روڊ انتهائي اهم منصوبو آهي. شهباز شريف چيو ته خطي مان غربت جي خاتمي لاءِ قدمن کي ترجيح ڏيڻي پوندي. غربت معاشي ئي ناهي پر اخلاقي مسئلو به آهي ان ڪري غربت جي خاتمي لاءِ بنيادي سببن جي حل تي ڌيان ڏيڻو پوندو. ماحولياتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدم کڻڻ ضروري آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں