61

پاڙِيسرين سان لاڳاپا بهتر نه هجن ته سببن جو ازالو ضروري هوندو آهي: ڀارتي پرڏيهي وزير جو ايس سي او ڪانفرنس کي خطاب

اسلام آباد: ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر پاڪستان کي شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس جي سربراهي سنڀالڻ تي مبارڪباد  ڏني آهي. ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر چيو آهي ته امن جو مطلب دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف سخت رويو اختيار ڪرڻو آهي.

ايس سي او سربراهي ڪانفرنس کي خطاب ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر چيو ته پاڪستان کي ايس سي او جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ڀارت هن صدارت کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو آهي. جي شنڪر چيو ته اسان هڪ اهڙي وقت ۾ ملي رهيا آهيون جڏهن سڄي دنيا ۾ حالتون ڏکيون آهن. 2 وڏا تڪرار جاري آهن جن جا  عالمي اثر مختلف آهن.

هن چيو ته ڪوريڊ ترقي يافته ملڪن کي سخت نقصان پهچايو آهي، موسمياتي تبديلي جي واقعن سپلاءِ چين جي غير يقيني واري صورتحال ۽ مالياتي عدم استحڪام ترقي جي رستي ۾ رنڊڪ بڻيل آهن.

ڀارتي پرڏيهي وزير چيو ته قرضن جو بار هڪ سنگين مسئلو آهي، دنيا پائيدار ترقي جو حدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. ٽيڪنالاجي هڪ طرف نيون اميدون پيدا ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف پريشانيون به آڻي رهي آهي، اهڙن چيلنجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ايس سي او جا ميمبر ڪهڙي  حڪمت عملي تي عمل ڪندا.

هن چيو ته اسان کي ايماندارانه ڳالهين جي ضرورت آهي، ڀروسي جي کوٽ، دوستي ۽ سٺن پاڙيسرين جي اصولن ۾ ڪا گهٽتائي آهي ته خود احتسابي ڪرڻ گهرجي اهو سڀ ڪجهه صرف اسان جي پنهنجي فائدي جي لاءِ نه آهي.

جي شنڪر چيو ته دنيا ڊگهي قطبي نظام طرف وڌي رهي آهي. عالمگيريت ۽ توازن اهڙيون حقيقتون آهن جن کان ڀڄڻ ممڪن نه آهي انهن تبديلين واپار، سرمائيڪاري، رابطه ڪاري ۽ ٻين تعاون جي شعبن ۾ موقعا پيدا ڪيا آهن جيڪڏهن اسان انهن موقعن مان فائدو کڻنداسين ته اسان جو خطو ترقي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته نه صرف اسان پر ٻيا به اهڙين ڪاوشن مان فائدو کڻي سگهن ٿا اسان جو تعاون، گڏيل احترام ۽ خودمختاري برابري جي بنياد تي ٻڌل هجڻ گهرجي. اسان کي هڪ ٻئي جي علاقائي سالميت ۽ خودمختاري جو احترام ڪرڻ گهرجي، اهو تعاون حقيقي ڀائيواري تي ٻڌل هجي.

ڀارتي پرڏيهي وزير چيو ته ترقي ۽ استحڪام جو دارومدار امن تي آهي. امن جو مطلب  دهشتگردي، انتهاپسندي  ۽ عليحدگي پسندگي جي خلاف سخت رويو اختيار ڪرڻو آهي. سرحد پار دهشتگردي، انتهاپسندي، عليحدگي پسندگي جهڙيون سرگرميون جاري رهنديون ته واپار ۽ عوامي سطح تي رابطي جو ذريعو مشڪل ٿي ويندو. سوچڻ گهرجي ته حالتون مختلف هجن ته اسان ڪيترا وڏا فائدا حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اڄ  اسلام آباد ۾ اسان جي ايجنڊا سان اسان کي اهڙن امڪانن جي هڪ جهلڪ ملي ٿي، صنعتي تعاون سان هڪ جهڙائي ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو ۽ روزگار جا موقعا وڌي سگهن ٿا. ايم ايس ايم اي جي وچ ۾ تعاون سان روزگار تي مثبت اثر پئجي سگهن ٿا. اسان جون گڏيل ڪوششون، وسيلن ۾ اضافو ۽ سرمائيڪاري کي هٿي ڏئي سگهن ٿيون. ڪاروباري برادري کي وڏي نيٽ ورڪ مان فائدو کڻڻو پوندو.

ڀارتي پرڏيهي جي شنڪر وڌيڪ چيو ته رابطي کي هٿي ڏيڻ سان ئي نئين ڪارڪردگين کي جنم ڏئي سگهجي ٿو، لاجسٽڪس ۽ توانائي جي شعبن ۾ وڏيون تبديليون آڻي سگهجن ٿيون، ماحولياتي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلين تي قدمن لاءِ تعاون جا وڏا موقعا آهن. مختلف مرضن جو علاج سستو ۽ قابل پهچ دواسازي جي ذريعي بهتر ٿي سگهي ٿو. صحت، خوراڪ ۽ توانائي جي سيڪيورٽي جي شعبن ۾ اسان سڀئي گڏجي بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهون ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں