23

آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ مهانگائي گهٽ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

هڪ رپورٽ ۾ آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ لاڳيتو 5 سالن تائين مهانگائي سنگل ڊيجيٽ ۾ رهڻ جو اندازو لڳايو آهي، عالمي مالياتي اداري هلندڙ مالي سال حڪومتي حدف کان به مهانگائي گهٽ رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

آءِ ايم ايف کي هلندڙ مالي سال پاڪستان ۾ مهانگائي سنگل ڊيجٽ ۾ 9.5 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي. ياد رهي ته هلندڙ مالي سال جي لاءِ حڪومت مهانگائي جو حدف ڊبل ڊيجٽ ۾ 12 سيڪڙو مقرر ڪيو آهي. آءِ ايم ايف موجب پاڪستان ۾ مالي سال 25-2026 ۾ مهانگائي جي شرح 7.8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.

آءِ ايم ايف مالي سال 26-2027 جي لاءِ پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح جو اندازو 6.5 سيڪڙو لڳايو آهي. آءِ ايم ايف مالي سال 27-2028 ۽ 28-2029 ۾ به مهانگائي جي شرح 6.5 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں