28

وفاقي ڪابينه اجلاس جو وقت ٻيهر تبديل، آئيني ترميمي مسودي جي منظوري جو امڪان

اسلام آباد: وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ آئيني ترميمي مسودي جي منظوري ملڻ جو امڪان آهي. اڄ طلب ڪيل اجلاس جو وقت 12 کان هٽائي 2 وڳي رکيو ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٻنپهرن جو 12 وڳي ٿيڻو هو پر ان حوالي سان وقت هڪ دفعو ٻيهر تبديل ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ حڪومتي اتحادي پارٽين جي اتفاق راءِ جي نتيجي ۾ آئيني مسودي جي منظوري ملڻ جو امڪان آهي.

ياد رهي ته وفاقي ڪابينه جو اجلاس گذريل ڏينهن شام ساڍي 7 وڳي ٿيڻو هو جنهن ۾ وفاقي وزير ۽ ڪابينه جا ميمبر شريڪ ٿيا پر ڪنهن پڌرائي کان سواءِ اجلاس بنا ڪارروائي جي اڄ ڇنڇر جي ڏينهن تائين ملتوي ڪيو ويو هو جيڪو اڄ ٻنپهرن جو 12 وڳي ٿيڻو هو جنهن جو هڪ دفعو ٻيهر وقت تبديل ڪيو ويو آهي. جيڪو هاڻ 2 وڳي ٿيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں