21

بختاور ڀٽو زرداري ٽئين پٽ کي جنم ڏنو، سياسي سماجي شخصيتن طرفان مبارڪباد پيش

اسلام آباد:  صدر آصف علي زرداري جي وڏي ڌيءَ بختاور ڀٽو زرداري ٽئين پٽ کي جنم ڏنو آهي  جنهن جي پيدائش تي سياسي ۽ سماجي شخصيتن کين مبارڪباد پيش ڪئي آهي.

بختاور ڀٽو زرداري وٽ ٽئين پٽ جي پيدائش به آڪٽوبر ۾ ٿي، انهي وٽ پهريان ٻنهي پٽن جي پيدائش به ساڳئي مهيني ۾ ٿيون هيون.

بختاور ڀٽو زرداري وٽ پهرين پٽ مير حاڪم زرداري جي پيدائش 10 آڪٽوبر 2021، ٻئي پٽ مير سجاول زرداري جي پيدائش 6 آڪٽوبر 2022 تي ٿي هئي. هاڻ بختاور ڀٽو زرداري جي ٽئين پٽ جي پيدائش به آڪٽوبر ۾ ٿي آهي هن ٻڌايو ته منهنجي ٽئين پٽ جي پيدائش 20 آڪٽوبر تي ٿي هئي.

بختاور ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ محمود چوڌري سان 31 جنوري 2021 تي شادي ڪئي هئي. بختاور ڀٽو زرداري ۽ محمود چوڌري پنهنجي گڏيل انسٽا گرام پوسٽ ۾ پنهنجي والدين بنجڻ جي تصديق ڪئي.

ٻنهي طرفان پاڻ وٽ ٽئين پٽ جي پيدائش جو اعلان ڪيل پوسٽس تي ڪيترن ئي سياسي، سماجي ۽ شوبز شخصيتن ڪمنٽس ڪندي جوڙي کي مبارڪباد پيش ڪئي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهن مزاحيه انداز ۾ اهو به لکيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ دفعو ٻيهر مامو بڻجي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں