110

تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي آهي، جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس کي هڪ ٻيو خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس پاڪستان کي هڪ ٻيو خط لکي هڪ دفعو ٻيهر مخصوص بينچ ۾ ويهڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.

جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ کي نئون خط 23 آڪٽوبر تي لکيو خط چيف جسٽس کي بطور سربراهه پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي لکيو ويو.

خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه مخصوص بينچ ۾ ويهڻ کان معذرت ڪندي چيو ته پهريان به لکيو هو ته ترميمي آرڊيننس تي فل ڪورٽ ويهڻ تائين خصوصي بينچز جو حصو نه بڻجندس.

جسٽس منصور علي شاهه جي خط ۾ سر ٿامس موري جو قول به لکيل هو جنهن ۾ سر ٿامس موري چوي ٿو ته“جڏهن سياستدان پنهنجي عوامي فرض جي خاطر پنهنجي ذاتي ضمير کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن ته اهي پنهنجي ملڪ جي لاءِ تباهي جي مختصر رستي جي رهنمائي ڪندا آهن.

جسٽس منصور علي شاهه لکيو ته اسان اقتدار ۾ رهندي اڪثر اهو وساري ويهندا آهيون ته هن ملڪ جا ماڻهو اسان جي عملن کي ڏسي رهيا آهن، تاريخ کي ياد رکو تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں