62

توهين عدالت ڪيس: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني سان جيل ۾ ملاقات نه ڪرائڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس سردار اسحاق ڪئي جنهن دوران درخواستگذار طرفان فيصل چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل به عدالت جي آڏو پيش ٿيو.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان اهو چئي رهيا آهيو ته حڪومت هڪ نوٽيفڪيشن سان انصاف جي فراهمي جو عمل روڪي سگهي ٿي؟ جنهن تي اسٽيٽ ڪونسل چيو ته عدالت جي ٻڌڻي نه ٿي رهي هئي انهي لاءِ ان جي ملاقات نه ڪرائي  وئي.

جج چيو ته درخواستگذار چئي رهيو آهي ته هڪ نوٽيفڪيشن جي ذريعي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿي، مان اهو نٿو چوان ته نوٽيفڪيشن صحيح آهي يا نه انهي لاءِ ته ڌار سان پٽيشن داخل ڪرڻي پوندي پر عدالتي حڪم جي باوجود ملاقات کان انڪار عدالتي  حڪم جي ڀڃڪڙي آهي.

جسٽس سردار اعجاز خان پڇاڻو ته پنجاب حڪومت توهين عدالت ڪئي آهي ۽ ملاقات کان روڪيو آهي ته ڪٿي آهي اهو نوٽيفڪيشن؟ جنهن کان پوءِ پنجاب حڪومت جو نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جنهن تي فاضل جج چيو هي ته 21 کان 25 آڪٽوبر تائين جو نوٽيفڪيشن آهي پهريان وارو به ڏيکاريو، گهرو وزارت جي رپورٽ ڏيو ۽ ٻڌايو ته  ڪهڙا سيڪيورٽي جا ٿريٽس آهن.

اسٽيٽ ڪونسل چيو ته 3 آڪٽوبر کان پوءِ سيڪيورٽي ٿريٽس جي ڪري پابندي لڳي، جنهن تي جسٽس اعجاز اسحاق چيو ته عدالت سيڪيورٽي ٿريٽس کي نٿي مڃي، وڪيلن کي به نه ملڻ ڏنو ويو، اها توهين عدالت آهي. هن وقت ڪهڙي پوزيشن آهي، اوهان اڄوڪي تاريخ ۾ عمل ڪريو.

اسٽيٽ ڪونسل چيو ته 25 آڪٽوبر تائين جو نوٽيفڪيشن جنهن تي جج چيو ته اهو نوٽيفڪيشن منهنجي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي، هي ڀينرون آهن، وڪيل نه آهن، وڪيلن کي ڇو نه ملڻ ڏنو ويو، ڇا حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪري هڪ جڳهه کي سيل ڪري انصاف جي فراهمي کي روڪي سگهي ٿي.  

جج اعجاز اسحاق چيو ته اي جي صاحب هي توهين منهنجي حڪمن جي آهي، گهرو وزارت  کي وضاحت ڏيڻي پوندي، رولز به موجود آهن. هتي درخواست ڇو آئي؟ گهرو وزارت کي هتي اچي ٻڌائڻو آهي ته ڪهڙا سيڪيورٽي ٿريٽس هئا جو وڪيل به نٿي وڃي سگهيا، گهرو وزارت 6 ۽ 17 آڪٽوبر جا حڪم جاري ڪيا گهرو وزارت جي ليٽر جو به حوالو ڏنو ويو.

جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني سان وڪيلن جي آن لائين ميٽنگ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالتي  حڪمن تي اعتراض اٿاريندي چيو ته توهين عدالت ڪيس ۾ عدالت اهڙو آرڊر پاس نٿي ڪري سگهي.

جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان چيو ته اوهان سيڪيورٽي جا انتظام ڪريو ۽ پي ٽي آءِ باني کي عدالت ۾ آڻيو، عدالت اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي چيو ته جيڪڏهن اوهان عمران خان کي نه آڻيندو ته ان جو سبب ٻڌائيندو، جنهن سيڪيورٽي ٿريٽ جي ڪري عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهندو انهي بابت عدالت کي مطمئن ڪندو.

جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان کي اڄ ٻنپهرن جو 3 وڳي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته پي ٽي آءِ باني کي وٺي اچو جيئن هو پنهنجي وڪيلن سان ملاقات ڪري سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں