77

پگهاردار طبقي جي پريشانين کان آگاهه آهيون، انهن تي وڌيڪ بار نٿا وجهي سگهون: محمد اورنگزيب

واشنگٽن: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پگهاردار طبقي جي پريشانين کان آگاهه آهيون، انهن تي وڌيڪ بار نٿا وجهي سگهون.

فرانسيسي نيوز ايجنسي کي انٽرويو ڏيندي محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۾ پگهاردار طبقي جي پريشانين کان آگاهه آهيون، پگهاردار طبقي تي ٽيڪسز جو وڌيڪ بار نٿا وجهي سگهون.

ناڻي واري وزير چيو ته صنعتي شعبو به ٽيڪس جي وڌيڪ بار هيٺ اچي چڪو آهي. زرعي آمدني سان ٽيڪس جي وصولي کي بهتر ڪرڻو پوندو ۽ ريئل اسٽيٽ، ريٽيلر سيڪٽرز کان ٽيڪس آمدني وڌائڻي پوندي.

هن چيو ته ملڪ ۾ 52 لک کان وڌيڪ انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ٿيا آهن جڏهن ته ٽيڪس بيس ۾ 29 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. سرڪاري ڪارپوريشن ۾ چوري کي روڪڻو پوندو، ٽيڪس چوري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿا ڪري سگهون. بجلي جي نقصانن تي ڪنٽرول ڪنداسين.

قومي ايئر لائين جي نجڪاري جي حوالي سان ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پي ٽي آءِ اي جي نجڪاري نومبر ۾ ڪئي ويندي، پي آءِ اي جي ٻولي ۾ حصو وٺندڙن جي جانچ جو موقعو ڏنو ويو، پي آءِ اي جي اثاثن جي جانچ پڙٽال سبب نجڪاري جي عمل ۾ دير ٿي.

محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته پاڪستان تي گڏيل قرض 258 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي. معيشت ۾ قرضن جو حصو 69 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں