ميرپورماٿيلو: شھيد صحافي نصراللہ گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دھشتگردي ٽوڙ عدالت گھوٽڪي ۾ ٿي گذري. پوليس پاران جاچ مڪمل نه ٿيڻ ڪري حتمي چالان جمع نہ ڪرايو ويو جنھن سبب ڪيس رولڙي جو شڪار بڻيل آھي.
جاچ آفيسر توڙي جوابدار ڄاڻايل پ پ ايم اين اي خالد لنڊ سندس 2 پٽ نور محمد لنڊ ۽ شھباز لنڊ عدالت ۾ پيش نه ٿيا. گرفتار جوابدار اصغر لنڊ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جاچ مڪمل نہ ھجڻ ۽ جوابدار پيش نہ ٿيڻ ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ايس پي نوابشاھ تنوير تنيو پيش نه ٿيو. عدالت کي ٻڌايو ويو ته جاچ مڪمل نه ٿي آهي وڌيڪ مهلت ڏني وڃي.
عدالت مهلت واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. شھيد صحافي جو وڪيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ پوليس عدالت کي ٻڌايو آھي ته جاچ مڪمل ناهي ٿي جيوفيسنگ رپورٽ رهيل آهي مھلت ڏني وڃي. جنھن تي عدالت سڳوري درخواست منظور ڪندي 15 نومبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آھي. ان وڌيڪ چيو تہ جاچ آفيسر مان اميد آهي ته ھو شهيد جي خون سان ناانصافي بجاء انصاف ڪندو.
شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ مائي پٺاڻي گڏاڻي شھيد پٽ جي ڪيس ۾ سستي ڏسڻ سبب عدالت ٻاهران لڙڪ لاڙي ويٺي.