81

پشاور ۾ هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ، ايس ايڇ او شهيد

پشاور (م ڊ) پشاور ۾ پوليس اسٽيشن ويندڙ ايس ايڇ او شاهپور شڪيل خان هٿياربندن جي فائرنگ ۾شهيد ٿي ويو.رپورٽ موجب شاهپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ايڇ او شاهپور شڪيل خان شهيد ٿي ويو.پشاور پوليس جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او شڪيل خان پنهنجي گهر کان پوليس اسٽيشن وڃي رهيو هو ته چمڪني واري علائقي ۾ واقعو پيش آيو، سي سي پي او جو چوڻ هو ته حملي آور سفيد گاڏي ۾ موجود هئا جن ڪلاشنڪوف ۽ ٻين هٿيارن سان فائرنگ ڪري ايس ايڇ او شڪيل خان کي شهيد ڪري ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں