71

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هندو برادري اڄ ڏياري جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، لاهور ۽ ڪراچي ۾ تقريبون منعقد

لاهور:   پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هندو برادري اڄ ڏياري جو ڏڻ ملهائي رهي آهي جنهن ۾   دوران گهرن ۾ لائيٽون لڳائي ڏيئا ٻاريا ويا آهن. جڏهن ته لاهور ۽ ڪراچي ۾ هندو برادري جي وڏي مذهبي تهوار ڏياري جون تقريبون منعقد ڪيون ويون جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن ڦٽاڪا ٻاري خوشي جو اظهار ڪيو.

هندو برادري جو سڀني کان وڏو تهوار ديپاوالي جيڪو تبديل ٿيندي ڏياري بڻجي ويو، ڏيئا روشن ڪرڻ جي هن ڏينهن جي مناسبت سان لاهور جي مقامي هوٽل ۾ تقريب ٿي جنهن ۾ شرڪت ڪندڙ گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو ۽ تقريب ۾ شريڪ هندو برادري سان تعلق رکندڙ مرد، عورتن ۽ ٻارن هڪ ٻئي کي مبارڪباد ڏني.

لاهور ۾ منعقد ڪيل ڏياري جي تقريب ۾ اقليتي معاملن واري صوبائي وزير سردار رميش سنگهه اروڙا ۽ پنجاب جي انساني حقن ۽ اقليتي معاملن واري وزير سونيا عاشر به شريڪ ٿي. ڏياري جي  انهي تقريب ۾ هندوئن کان علاوه مسلمانن، سکن ۽ ٻين مذهب جي مڃيندڙن به شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان مختلف مذهبن جي مڃيندڙن جو هڪ گلدستو آهي، جتي هر شهري کي احترام ڏنو ويندو آهي.

ڪراچي ۾  پاڪستان هندو ڪائونسل جي تحت ڏياري جي حوالي سان تقريب دوران ڪيڪ ڪاٽيو ويو. هندو ڪائونسل طرفان ڏياري جي مناسبت سان رنگا رنگ ميوزيڪل پروگرام جو اهتمام به ڪيو ويو هو ۽ آتشباري جو مظاهرو به ڪيو ويو. انهي موقعي تي هندو ڪونسل جي پيٽرن ان چيف رميش ڪمار تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڏياري جي مبارڪباد ڏني.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں