92

سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ سرڪاري نوڪري لاءِ عمر جي حد ۾ 15 سالن جي ڏنل رعايت ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت طرفان سرڪاري نوڪرين لاءِ عمر جي حد ۾ 15 سالن جي رعايت جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

عمر ۾ 2 سالن تائين رعايت جو اختيار لاڳاپيل کاتي جي سيڪريٽري وٽ هو جڏهن ته چيف سيڪريٽري کي عمر ۾ 5 سالن تائين ڇوٽ ڏيڻ جو اختيار هو جنهن کي وڌائي 15 سال ڪيو ويو.

اي پي ٽي رولز ۾ به وڌ کان وڌ عمر ۾ رعايت جي حد 10 سال هئي جيڪا پاڻمرادو انتهائي غير منصفاڻي هئي جسٽس محمد علي مظهر 8 سيپٽمبر 2020 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکندي 16 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته سنڌ حڪومت بنا ڪنهن سبب، معيار ۽ قانوني گهرجن جي عمر جي مٿانهين حد ۾ رعايت ڏني.

سنڌ حڪومت موجب عمر ۾ ڇوٽ سمورن کاتن ۾ نوڪرين جي لاءِ عمر جي مٿانهين حد سان مشروط آهي، فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته چيف سيڪريٽري به واضح طور تي بي ضابطگي جو اعتراف ڪيو ۽ غير لاڳاپيل جواز پيش ڪيو ته ڪافي وقت کان وڏي پيماني تي مقرريون نه ڪيون ويون انهي لاءِ عمر جي حد ۾ رعايت ڏئي اميدوارن کي فائدو ڏنو ويو.

جاري ڪيل حڪم نامي موجب ڪنهن  به سنڌ حڪومت کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ڀرتي جي عمل کي شروع ڪرڻ کان ناهي روڪيو، انساني وسيلن جي ضرورت موجب يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري سنڌ حڪومت ڀرتي بند ڪري  ڇڏي يا پابندي لڳائي ڇڏي هئي ته انهي سان کين اهڙو اختيار استعمال ڪرڻ جو لائسنس نٿو ڏئي سگهجي.

عمر جي   مٿانهين حد ۾ اها ڇوٽ سمجهه کان مٿانهين آهي. فيصلي موجب سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جي لاءِ عمر جي وڌ کان وڌ حد 30 سال آهي جيڪڏهن رعايت کان پوءِ 15 سال وڌيڪ شامل ڪيا وڃن ته 45 سالن جي عمر ۾ ڪوبه شخص نوڪري حاصل ڪري ٿو ۽ 60 سال عمر پوري ٿيڻ تي رٽائرمينٽ کان پوءِ صرف 15 سالن تي ٻڌل سروس تي پينشن سميت ٻيون مراعتون حاصل ڪري ٿو ته اها ٻين 25 کان 30 سال نوڪري ڪندڙ ملازمن سان ناانصافي آهي.

عدالت چيو ته ايس پي ايس سي جي ذريعي  ڪوبه امتحان منعقد ڪرڻ جو مقصد سڀني کان وڌيڪ قابل اميدوارن جي چونڊ ڪرڻ هوندو آهي. اقربا پروري، سفارشي اميدوارن جي چونڊ،  ٻاهرين دٻاءُ جي بنياد تي سليڪشن سرڪاري ملازمن جي انفرااسٽرڪچر ۾ بيچيني۽ عدم اطمينان پيدا ڪري ٿو.

فيصلي موجب چونڊ جي ميرٽ واحد معيار هجڻ گهرجي، چيف سيڪريٽري پنهنجي مختصر بيان ۾ پاڻمرادو اهو اعتراف ڪيو ته  15 سال سروس تي رٽائرمينٽ سان حڪومت تي وڌيڪ بار پوندو پينشن جي مد ۾ مالي بار کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ هو اڳ ئي تجويزون اماڻي چڪو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں