46

حڪومت ڊسمبر ۽ جنوري ۾ سي اين جي اسٽيشن کي گيس نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: حڪومت گيس لوڊ مينجمينٽ جي تحت سخت سيءَ وارن 2 مهينن جي دوران سڄي ملڪ ۾ سي اين جي اسٽيشنز کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

وفاقي پيٽروليم واري وزارت سياري جي موسم لاءِ گيس لوڊ مينجمينٽ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن موجب ڊسمبر ۽ جنوري جي سخت سيءَ وارن 2 مهينن ۾ سڄي ملڪ ۾ سي اين جي اسٽيشنون بند ڪيون وينديون.

اختيارين موجب انهن 2 مهينن ۾ جيڪا ملڪي صنعت گيس مان بجلي پيدا ڪري ڪم ڪندي آهي انهي کي به گيس جي فراهمي بند رهندي.

پيٽروليم واري وزارت جي اختيارين موجب اهو فيصلو قدرتي گيس جي گهريلو صارفين کي سياري جي موسم ۾ لاڳيتو گيس جي فراهمي يقيني بنائڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي.

انهي فيصلي کان پوءِ چئني صوبن ۾ جيڪي انڊسٽريون گيس مان بجلي پيدا ڪري ڪم ڪري رهيون آهن يا ڪيپٽو پاور اسٽيشنز پنهنجا ڪارخانا لڳايا آهن انهن اسٽيشنن جي لاءِ ڊسمبر 2024 کان جنوري 2025 تائين گيس جي فراهمي روڪي ويندي ۽ اها انڊسٽري به بجلي ڪمپنين جي بجلي استعمال ڪندي.

خبر موجب سوئي نادرن گيس ڪمپني لميٽيڊ کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته اهي پهرين ڊسمبر 2024 کان 31 جنوري 2025 تائين سي اين جي اسٽيشن بند رکڻ جا حڪم جاري ڪري ۽ انهن جا گيس ڪنيڪشن ڪاٽا ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں