79

حڪومت جو ائٽمي ڌماڪن کي 24 سال مڪمل ٿيڻ تي 10 ڏينهن تقريبون ڪوٺائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت ائٽمي ڌماڪن کي 24 سال مڪمل ٿيڻ تي 10 ڏينهن تقريبون ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب يوم تڪبير تي “نه جهڪيا هئاسين، نه جهڪنداسين” جو عنوان جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ائٽمي ڌمڪان کي 24 سال مڪمل ٿيڻ تي 10 ڏينهن تقريبون ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪندي هدايت جاري ڪئي آهي ته پاڪستان جي قيام کي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبون جي طرز تي يوم تڪبير سڄي ملڪ ۾ قومي جذبي سان ملهايو وڃي، ان حوالي سان سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته يوم تڪبير تي قومي جشن 19 مئي کان شروع ٿيندو، وزيراعظم شهباز شريف وفاق، چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن سان گڏجي تقريبون ڪوٺائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں