67

امپورٽڊ حڪومت جو ايف آءِ اي، نيب ۽ اي اين ايف تي دٻاءُ وجهڻ شرم جوڳو عمل آهي: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت جو ايف آءِ اي، نيب ۽ اي اين ايف تي دٻاءُ وجهڻ شرم جوڳو آهي.اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته وارداتي حڪومت ايف آءِ اي، نيب ۽ اي اين ايف تي دٻاءُ وجهي رهي آهي ته هو سندن خلاف ڪيس بند ڪن،شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ تاريخي ۽ سونهري فيصلو آهي. ادارن ۽ عدليه جي هاڻي بنيادي ذميواري آهي ته اها يقيني بڻائي ته بيوروڪريسي ايمانداري ۽ اعتماد تي ٻڌل فيصلا ڪري. گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ سرڪاري آفيسرن جي جاچ ۾ مداخلت جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں